جي ايم سيد ڪي مثبت اور منفي سياست

جي ايم سيد ڪي مثبت اور منفي سياست

جي ايم سيد ڪي مثبت اور منفي سياست

جي. ايم. سيد ڪي مثبت اور منفي سياست (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جي سياست تي نقطئه چيني ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ليکڪ نظرياتي ۽ ذاتي ٽڪرائن وارن پهلوئن کي اڀاريو آهي. جاويد احمد صديقيءَ جو اردوءَ ۾ لکيل هي ڪتاب شبل پبليڪيشن لميٽيڊ ڪراچيءَ، سيپٽمبر 1987ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ”جي. ايم. سيد سنڌ جي نوجوانن جي ذهنن کي متاثر ڪندڙ سڀ کان بااثر سياستدان ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهو قيد ۽ آزمائش مان گذرندڙ سياستدان آهي“. ڪتاب ۾ سنڊي ڪلڪتي، نذير لغاري، مختيار عاقل، محمد علي (نمائنده نواءِ وقت) ۽ محمد اسلم ڏوگر جا ورتل انٽرويو شامل آهن. ان کانسواءِ جي. ايم. سيد جي ڪتاب ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ تي محمد علي خالد پاران ڪيل تلخيص، جي. ايم. سيد جي سالگرهه جو جاويد چانڊيي پاران لکيل اکين ڏٺو احوال، الياس شاڪر جو مضمون، ’جي. ايم. سيد جي نظريات ۾ تبديلي‘ ۽ لطيف خان جو مضمون، ’ڀٽي کي ڦاسي‘ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 164 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو